- Advertisement -
بدين ۾ پورهيت ڪيلاش ڪولهي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن سميت مختلف ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڪيلاش ڪولهي جي وارثن، هندو برادري، شهرين، سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ٿرڪول روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪيلاش ڪولهي جي قتل ۾ ملوث بااثرن خلاف ڪارروائي نه ڪري رهي آهي.
هنن چيو ته پوليس سرفراز نظاماڻي کي بااثر هئڻ سبب گرفتار نٿي ڪري، ايس ايس پي بدين جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪيلاش ڪولهي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.
- Advertisement -
