- Advertisement -
برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ٻن سالن دوران برطانيا جي معيشيت ۽ اتحادين سان لاڳاپن کي مضبوط ڪيو، ليبر پارٽي جي قيادت جو شيڊول جلد جاري ڪيو ويندو، نئين وزيراعظم جي چونڊ تائين پنهنجي عهدي تي برقرار رکندو، هن پنهنجي فيصلي کان برطانوي بادشاهه چارلس کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ تي پريس بريفنگ دوران برطانوي وزيراعظم عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
سندس چوڻ هو ته بار بار ٻڌايو ويو ته سندن پارٽي ڪمزور ۽ ختم ٿي وئي، هو پارٽي جي خواهش تي پارٽي جي ليڊرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ٿو.
برطانوي وزيراعظم چيو ته صبح بادشاهه چارلس سان ڳالهه ٻولهه ٿي، قيادت جي چونڊن عمل جي مڪمل ٿيڻ تائين هو پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو.
سر ڪيئر اسٽارمر چيو ته هو ايندڙ وزيراعظم سان مڪمل سهڪار ڪندا، اقتدار جي منظم منتقلي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.
هن چيو ته ٻن سالن دوران برطانيا جي معيشيت ۽ اتحادين سان لاڳاپن کي مضبوط ڪيو، ليبر پارٽي جي قيادت جو شيڊول جلد جاري ڪيو ويندو…….- Advertisement -
