- Advertisement -
برطانيا ۽ فرانس يوڪرين ۾ امڪاني امن معاهدي جي صورت ۾ پنهنجون فوجون مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
ان سلسلي ۾ يوڪريني صدر زيلنسڪي، فرانسيسي صدر ميڪرون ۽ برطانوي وزيراعظم اسٽارمر هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن جنهن جو مقصد يوڪرين جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۽ روس طرفان ڪنهن به نئين حملي کي روڪڻ آهي.
پيرس ۾ ٿيل اجلاس کانپوءِ جاري پڌرائي موجب روس يوڪرين امن معاهدي جي صورت ۾ يوڪرين جي لاءِ گھڻ ملڪي فورس جوڙي ويندي جيڪا سڪيورٽي ضمانتن کي مضبوط ڪندي.
برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر چيو ته هن فورس جي مقري سان يوڪريني هٿياربند فوجن کي پنهنجي طاقت بحال ڪرڻ ۽ انهن جي دفاعي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي هن اڳڀرائي کي امن طرف اهم قدم قرار ڏيندي چيو ته اهو صرف تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن روس سان جنگ ختم ٿي وڃي.
آمريڪي عملدارن به معاهدي کي هڪ هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته هڪ گهڻ ملڪي فوج جي مقرري سان روس کي ٻيهر حملي جو موقعو نه ملندو….
- Advertisement -
