تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندن ورهاست جو فائدو ملڪ دشمن کڻي رهيا آهن، آرمي پبلڪ اسڪول سانحي تي سياست کي هڪ طرف رکي قومي مفاد کي ترجيح ڏني.

سندس چوڻ هو ته اڄ هو ماضي کان وڌيڪ خطرناڪ دور مان گزري رهيا آهن، پيپلزپارٽي هر طرح جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جعفر ايڪسپريس ۾ شهيد ٿيل بيگناهه ماڻهن جو ڪهڙو قصور آهي، سمورين سياسي پارٽين کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ

دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان ٽو جوڙيو وڃي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن خلاف رد عمل تي به قوم کي متحد ٿيڻو پوندو، دهشتگردي جي واقعن تي ماضي وانگر ٻڌي ناهي.

هن چيو ته عالمي طاقتون به پاڪستان ۾ اختلافن جو فائدو وٺي رهيون آهن، ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو مسئلو نئون ناهي، دهشتگرديءَ جو هر واقعو ماضي کان وڌيڪ طاقتور ٿي رهيو  آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته بلوچستان جا ماڻهو پنهنجي وسيلن جو حق گهري رهيا آهن، دهشتگردي ۽ سياسي انتها پسندي سبب ملڪ کي نقصان پهتو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري  چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي رڳو باني جي آزادي جي ڳڻتي آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي باني ۾ ڪابه دلچسپي ناهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون