پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي کي بهترين قرار ڏيندي عوامي ڪم ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ سنڌ حڪومت جي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، جميل سومرو، مرتضيٰ وهاب، سعديه جاويد، واحد هاليپوٽو، علي راشد، ارسلان شيخ، گهنور اسراڻ ۽ مخدوم فخر الزمان شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ترجمان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت پ پ چيئرمين کي بريفنگ ڏني.
بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ حڪومت جي ترجمانن کي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي اثرائتي انداز ۾ عوام آڏو آڻڻ جي هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي سوشل ميڊيا تي آندي وڃي ته جئين ٻين صوبن جي عوام کي خبر پوي ته پ پ ڪيترو ڪم ڪري ٿي، سنڌ حڪومت ترقياتي ايجنڊا کي فوڪس رکيو آهي.
هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران وڏي وزير سيد مراد علي چوماسي جي برساتن ۽ اربن فلڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي قدمن کان آگاهه ڪيو.