- Advertisement -
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته هو وزيراعظم لاءِ مسلم ليگ نون کي ووٽ ڪري رهيا آهن هي سندن سي اي سي جو وڏو ڏکيو فيصلو هو، ن ليگ ٻيو ڇاٿي چاهي؟.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هو ن ليگ کي ووٽ ڪري رهيا آهن، اهو ئي ته گڏجي ويهڻ هوندو آهي پر ڪابينا جو حصو نه وڻجندا.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي موجوده صورتحال کي ڏسي ڪري اهو فيصلو ڪيو، ملڪي مفاد خاطر جيڪو هوندو ان کي سپورٽ ڪندا.
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته 6 رڪني ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪا حڪومت ۽ ٻين پارٽين سان ڳالهيون ڪندي، سندن 16 مهينن جي اتحادي حڪومت جو تجربو سٺو نه رهيو.
هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا بابت سندن وٽ گهڻيون شڪايتون آهن، کين چيو ويندو هو ته 9 مئي جا ڪردار ڪنهن معافي جا مستحق ناهن.
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته 9 مئي ۾ ملوث جيڪڏهن وڏو وزير ٿي وڃي ته ٻين جو ڪهڙو قصور آهي، بلوچستان ۾ سندن پهريون ٽارگيٽ وڏ وزارت آهي.
سندس چوڻ هو ته جيستائين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم نه بڻجندو هو پنهنجي منشور تي عمل نه ڪري سگهندا، جيڪو سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو فيصلو آهي بلاول ڀٽو زرداري عوام کي ٻڌائي ڇڏيو.
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جيڪي شيون غلط هونديون ان تي تنقيد ڪندا، هو تنقيد براءِ اصلاح ڪندا، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهي رهيا آهن.- Advertisement -
