پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽنڊي آدم ۾ روهڙي ڪئنال کي گهاري جو نوٽيس وٺندي سنڌ سرڪار کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، سندس چوڻ آهي ته گهاري کي جلد بند ڪرڻ ۽ نقصانن کي محدود رکڻ لاءِ سمورا وسيلا قطب آندا وڃن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽنڊي آدم ۾ روهڙي ڪئنال کي گهاري جو نوٽيس ورتو.
پ پ چيئرمين، سنڌ سرڪار کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته گهاري کي جلد بند ڪرڻ ۽ نقصانن کي محدود رکڻ لاءِ سمورا وسيلا قطب آندا وڃن.
هن چيو ته آبپاشي کاتي وارو وزير يقيني بڻائي ته برساتن دوران وڌيڪ اهڙا واقعا پيش نه اچن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته متاثرن ڳوٺن جي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳايو وڃي، پارٽي عهديدار ۽ ڪارڪن متاثرن جي امداد لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.