تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ جا ڏيهي توڙي پرڏيهي اثاثا اليڪشن ڪميشن ۽ ايف بي آر ۾ ظاهر ڪيل آهن : ترجمان

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ترجمان ذوالفقار بدر چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ جا ڏيهي توڙي پرڏيهي اثاثا اليڪشن ڪميشن ۽ ايف بي آر ۾ ظاهر ڪيل آهن. جاري ڪيل بيان ۾ ذوالفقار بدر چيو ته سڄي دنيا کي خبر آهي بلاول ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي پرورش جلا وطني ۾ ٿي، جنهن دوران ٻئي شهيد راڻي بينظير ڀٽو سان گڏ  ڄاڻايل ملڪيت ۾ رهندا هئا. هن چيو ته شهيد راڻي جي شهادت بعد دبئي جي ملڪيت سندس اولاد کي وراثت ۾ ملي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري جا سمورا اثاثا اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تي شايع ڪيا ويندا آهن. پ پ چيئرمين جي ترجمان چيو ته موجوده خبر ۾ ڪجهه به نئون يا غيرقانوني ناهي، ظاهري طور نه اها خبر نه ئي اسڪينڊل آهي. ذوالفقار بدر چيو ته بدنيتي تي ٻڌل ڪنهن به ڪارروائي کي لاڳاپيل فورم تي چئلينج ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون