تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ سرڪار عوام لاءِ جديد، ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن : شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان اليڪٽرڪ ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني جي وفد ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران وفد طرفان سنڌ سان ڀائيواري جي امڪانن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني به شرڪت ڪئي. وفد پنهنجي تيار ڪيل اليڪٽرڪ گاڏين جا ماڊل، مقامي سطح تي اسمبلنگ ۽ چارجنگ انفرا اسٽرڪچر جي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ سرڪار عوام لاءِ جديد، ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو چاهن ٿا ته جلد کان جلد اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪئي وڃي ته جيئن شهرين کي بهتري سفري سهولت ملي. هن چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين سان ٻارڻ جي بچت سان گڏ ماحولياتي گدلاڻ به گهٽ ٿيندي، سنڌ سرڪار پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل خانگي شعبي سان گڏلي رٿابندي ڪري رهي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين جي ٽيڪنالاجي نه رڳو روزگار لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي پر اها صنعتي شعبي ۾ جدت ۽ سيڙپڪاري جا دروازا به کوليندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جٽادار ترقي جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون ان ۾ اهم قدم آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون