پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب ۽ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته بلاول کي سائفر بابت مڪمل ڄاڻ ناهي، بي اعتمادي رٿ وقت خبر پئي ته سائفر دستاويز موجود ناهي، ان کي سنڀالڻ وزيراعظم نه پر ملٽري سيڪريٽري ۽ پرنسپل سيڪريٽري جي ذميواري هوندي آهي.
اسلام آباد ۾ بئريسٽر گوهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ غير پارلياماني لفظ استعمال ڪيا.
هن چيو ته وزيراعظم جي اميدوار طور تقرير ڪئي پر پي ٽي وي نه هلائي، پي ٽي وي عوام جي ٽيڪس جي پيسن سان هلي ٿي.
عمر ايوب چيو ته بلاول کي سائفر بابت مڪمل ڄاڻ ناهي، بي اعتمادي رٿ وقت خبر پئي ته سائفر دستاويز موجود ناهي، ان کي سنڀالڻ وزيراعظم نه پر ملٽري سيڪريٽري ۽ پرنسپل سيڪريٽري جي ذميواري هوندي آهي.
بئريستر گوهر چيو ته کين پي ٽي وي تي ٽائيم نه ٿو ڏنو وڃي، سندن ڳالهه ماڻهن تائين پهچائي وڃي، اهو ئي سندن مطالبو آهي.
هن چيو ته گوڙ پارليامينٽ جو حصو هوندو آهي، جڏهن هو ايوان جي ميمبر طور تقرير ڪري رهيا آهن ته ان کي لائيو ڏيکارڻ گهرجي.
بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ خلاف سمورا ڪيس جعلي آهي، زرداري ۽ نوازشريف خلاف به گاڏي وٺڻ تي احتساب ٿيڻ گهرجي…….