- Advertisement -
عام چونڊن کان هڪ ڏينهن پهريان بلوچستان جي ٻن ضلعن ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 28 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پهريون ڌماڪو پشين جي خانوزئي واري علائقي ۾ آزاد اميدوار اسفند يار ڪاڪڙ جي آفيس ٻاهران ٿيو، نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پيا.
قلعه سيف الله ۾ جي يو آءِ اميدوار مولانا عبدالواسع جي چونڊ آفيس ٻاهران ڌماڪي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا.
سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته امدادي ٽيمن مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
پشين ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ سلطان محمد، محمد عمر، نثار احمد، احسان، عبدالغفور، نجيب احمد، حاجي قلعه خان، عمران، محمد علي،عبدالله ۽ ٻيا شامل آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب پشين ۾ آزاد اميدوار اسفند يار ڪاڪڙ جي اليڪشن آفيس کي ڌماڪي جو نشانو بڻايو ويو.
اليڪشن ڪميشن پشين ۽ قلعه سيف الله ۾ ڌماڪن جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پاران پشين ۽ قلعه سيف الله ۾ ڌماڪن جي مذمت ڪئي وئي آهي……..- Advertisement -
