تازه ترين

بلوچستان جي علائقي جھل مگسي ۾ زميني تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو

بلوچستان جي علائقي جھل مگسي ۾ زميني تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو

جھل مگسي واري علائقي ۾ مگسي ۽ جويا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان ھٿياربندن فائرنگ ڪئي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ امداد حسين جويو مارجي ويو.

اطلاع ملڻ بعد ليويز اھلڪارن واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پھچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيو ويو.

ليويز اھلڪارن جو چوڻ آھي تھ مگسي ۽ جويا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

مقتول جي وارث عورت رباب جويو وڊيو وائرل ڪندي چيو تھ جھل مگسي ۾ سردارن، نوابن جي ظلمن خلاف اٿندڙ آواز کي اڄ ھميشھ لاءِ خاموش ڪيو ويو آھي، بلوچستان ۾ اڄ بھ بندوق ۽ دھشت جي بادشاھت قائم آھي.

سندس چوڻ ھو تھ بلوچستان ۾ ظلم خلاف جيڪو بھ ڳالھائيندو آھي کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو ويندو آھي پر ملڪ جا حڪمران ٻڌڻ لاءِ تيار ناھن. مقتول امداد حسين جي وارث عورت رباب جويو چيو تھ 2017ع کان جھيڙو ھلي رھيو آھي ۽ اڪثر ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندو رھيو آھي، پر ڪنھن بھ نھ ٻڌو ۽ آخر ڪيستائين ظلم ٿيندو رھندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون