تازه ترين

بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا، وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ نوشڪي ۾ فائرنگ ۾ 11 ڄڻن جي مارجڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نوشڪي واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو، هو شهيدن جي مقدس رت جو بدلو وٺندا، رياست پوري طاقت سان دهشتگردن سان وڙهندي، ڳالهين تي کين ڪو به اعتراض ناهي پر رياست جي عملداري  تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي. بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه تي هٿياربندن ڪوئيٽا کان تفتان ويندڙ مسافر بس مان 9 پورهيتن کي اغوا ڪرڻ بعد جبل طرف وٺي ويا. پوليس موجب هٿياربند اغوا ڪيل 9 ڄڻن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته لاش جبل ويجهو پل هيٺيان مليا. پوليس ٻڌايو ته  مارجي ويل پورهيتن جو تعلق منڊي بهاءُ الدين، گوجرانوالا ۽ وزيرآباد سان آهي. نوشڪي جي ڊپٽي ڪمشنر حبيب الله موسيٰ خيل ٻڌايو ته هٿياربندن قومي شاهراهه بند ڪيو ۽ گاڏي نه روڪڻ تي هڪ ڪار تي فائرنگ ڪئي. فائرنگ سبب ٽائر ڦاٽي پوڻ تي ڪار اونڌي ٿي وئي، جنهن ڪري ان ۾ سوار ٻه ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا. هوڏانهن نوشڪي ۾ مارجي ويل نون ڄڻن جي جنازي نماز پوليس لائنز ڪوئيٽا ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ چيو ته نوشڪي واقعي جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگرد جي ڪا قوم، مذهب   يا برادري ناهي هوندي، ان ڪري دهشتگرد کي دهشتگرد ئي ڪوٺيو وڃي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ سندن ذميواري آهي، شهيد جي مقدس رت جو بدلو ورتو ويندو. سرفراز بگٽي چيو ته رياست پوري طاقت سان دهشتگردن سان وڙهندي، ڳالهين تي کين ڪو به اعتراض ناهي پر رياست جي عملداري  تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي. وڏي وزير چيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويندو، رياست جي عملداريءَ کي  چئلينج ڪندڙن کي هو سختي سان منهن ڏيندا. سرفراز بگٽي چيو ته سڪيورٽي پلان جو نئين سر جائزو  وٺي شاهراهن، مسافرن ۽ شهرين جي حفاظت ڪئي ويندي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
24 %
2.6kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون