تازه ترين

بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ پورهيتن جي گاڏي ويجهو ڌماڪو، 11 ڄڻا مارجي ويا، 6 زخمي

بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيت مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب، هرنائي جي علائقي شاهرگ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ڌماڪي واري هنڌ کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا.

ڊپٽي ڪمشنر هرنائي جو چوڻ آهي ته شاهرگ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 پورهيت مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن پورهيتن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.

ڌماڪي ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيلن جو تعلق سوات ۽ شانگلا سان ٻڌايو پيو وڃي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ڌماڪي ۾ پورهيتن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته زخمين جو شاهرگ اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب، شاهرگ ۾ ڌماڪي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، شروعاتي جاچ موجب روڊ ڪناري ڌماڪيدار مادو نصب ٿيل هو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون