تازه ترين

بلوچستان جي علائقي پشين ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان علائقي پشين سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران  3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي پشين ۾ ڪارروائي ڪئي.

ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ افغان شهريءَ طور ٿي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ واريون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
50 %
0.9kmh
65 %
آچر
25 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون