تازه ترين

بلوچستان جي علائقي پشين ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان علائقي پشين سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران  3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي پشين ۾ ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ افغان شهريءَ طور ٿي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ واريون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
25 %
5kmh
0 %
اڱارو
30 °
اربع
35 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون