بلوچستان جي نگران وڏي وزير جي لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اتفاق نه ٿي سگھيو، معاملو پارلياماني ڪمٽي حوالي ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير جي نالي تي اتفاق نه ٿيڻ کانپوءِ معاملو پارلياماني ڪميٽي حوالي ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، ڄام ڪمال گروپ ۽ جمعيت علي مردان ڊومڪي جي نالي تي اتفاق ڪيو هو پر وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي علي مردان ڊومڪي جي نالي صحيح نه ڪئي.
آئيني وقت رات جا ٻارهين وڳي کان اڳ ڄام ڪمال ۽ ملڪ سڪندر ۽ ٻين جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجيسان ملاقات نه ٿي سگھي هئي.
آئين تحت اسپيڪر صوبائي اسيمبلي حڪومت ۽ مخالف ڌر ميمبرن تي ٻڌل پارلياميني ڪميٽي جوڙيندو.
پارلياماني ڪميٽي کي ٽن ڏينهن اندر نالو فائنل ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ معاملو اليڪشن ڪميش وٽ هليو ويندو جيڪا 24 ڪلاڪن اندر فيصلو ڪندي.