تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. بلوچستان جي ڪيچ ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد چئن ساٿين سميت مارجي ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ٻارهن ۽ تيرهن نومبر جي وچ واري رات دهشتگردن خلاف بالگنار ۾ ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز  ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب ڪاررودوران انتهائي گهربل دهشتگرد ثنا عرف بارو چئن ساٿين سميت مارجي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان مارجي ويل دهشتگرد ثنا عرف بارو دهشتگردن جو ريڪروٽمينٽ ايجنٽ هو، جيڪو نام نهاد مجيد برگيڊ لاءِ ڪيچ ضلعي ۾ آپگهاتي بمبارن کي ڀرتي ڪندو هو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد ثنا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾  هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب پاڪ فوج قوم جي سهڪار سان بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي جي دشمن قوتن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون