تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو، دهشتگردي ڀارت ۽ افغانستان مان ٿي رهي آهي، جنهن جي پاڙ پٽي ويندي، جعفر ايڪسپريس تي حملي کانپوءِ تحريڪ انصاف سوشل ميڊيا تي ناڪاري واويلا ڪئي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملو انتهائي افسوسناڪ آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج گهٽ کان گهٽ نقصان ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، سندن جوانن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته جعفر ايڪسپريس تي حملي کانپوءِ تحريڪ انصاف سوشل ميڊيا تي ناڪاري ڪردار ادا ڪيو، دهشتگردن هٿين خالي مسافرن کي نشانو بڻايو. هن چيو ته تحريڪ انصاف سوشل ميڊيا بريگيڊ دهشتگردن کي ڪريڊٽ ڏنو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته دهشتگردن مسافرن کي پاڻ ڇڏيو، سازشون ڪندڙ تحريڪ انصاف جا ماڻهو پرڏيهه ۾ آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته حڪومت کي فارم 47 جي پيداوار جو طعنو ڏيندڙ پاڻ مارشل لا جي پيداوار آهن، ٻين تي آڱريون کڻندڙن کي پنهنجو ماضي ڏيڻ گهرجي، دهشتگردن کي پاڪستان ۾ آڻي آباد ڪرڻ جون ڳالهيون ڪنهن ڪيون، ڪير نٿو ڄاڻي؟. خواجا آصف چيو ته سرفراز بگٽي دهشتگردن خلاف ڄمي بيٺو آهي، ڪي پي ۾ دهشتگردي خلاف ڄمي ڇو نٿو بيان ڏنو وڃي، جعفر ايڪسپريس حملي تي ايوان ۾ متفقه آوار نه اٿاريو ويو، ڪو شرم هوندو آهي، ڪو حياءُ هوندو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
15 %
3.3kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون