تازه ترين

بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. اندروني ذريعن موجب، 12 سيپٽمبر تي هرنائي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي بي ايل اي جي ٿاڪن تي ڪاميابي سان جوائنٽ آپريشن ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن جي نتيجي ۾ بي ايل اي جا 6 اهم دهشتگرد مارجي ويا. ذريعن موجب، مارجي ويل دهشتگردن ۾ شافو  سمالاڻي عرف تادين، سرمد خان عرف دستين،  محمد گل مري عرف واحد بلوچ، غلام قادر مري عرف انجير بلوچ، عبيد بلوچ عرف فدا ۽ تاج محمد عرف بابل شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ معصوم ماڻهن تي سڌي ريت حملن ۾ ملوث هئا. دفاعي ماهرن موجب، بي ايل اي جي 6 دهشتگردن جو مارجڻ سڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي، دهشتگردن جو مارجڻ بي ايل اي لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف سڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي واضح ڪري ٿي ته دهشتگردن جي چيلهه ڄٻي ٿي چڪي آهي، بلوچستان جي غيور عوام نالي ماتر آزادي جي لباس پهريل دهشتگردن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون