تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلن پارلياماني ڪميٽيءَ ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن لاءِ پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلن پارلياماني ڪميٽيءَ ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، دهشتگردن ۽ انتها پسندن خلاف قومي ايڪشن پلان تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، سمورين سياسي پارٽين کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ سندن ساٿ ڏيڻ گهرجي. وزيراعليٰ هائوس ڪوئيٽا ۾ وڏي وزير  سرفراز بگٽيءَ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي دعوت آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي ساڻن گڏ ٿين، ڪا به هڪ پارٽي بلوچستان جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان موجب دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو ويندو، سرفراز بگٽي بنا مقابلي وڏو وزير چونڊجو آهي، هو بينظير ڀٽو جي سوچ موجب صوبي کي هلائيندا. بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلن پارلياماني ڪميٽيءَ ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي معاهدي تحت ئي بلوچستان عوام کي رليف ڏنو ويندو، ڪوشش آهي ته بلوچستان جي عوام کي قربانيون نه ڏنيون وڃن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي وڏو مسئلو آهي، هو ان جو مقابلو، هو سمورين پارٽين کي دعوت ٿو ڏي ته اچو گڏجي ملڪي مسئلا حل ڪريون.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
13 %
4.1kmh
7 %
آچر
21 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون