بنون ۾ سي ٽي ڊي جي آپريشن ۾ 4 پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث دهشتگرد ساٿي سميت مارجي ويو آهي.
سي ٽي ڊي خيبر پختونخوا جي بنون ضلعي ۾ آپريشن دوران ٻن انتهائي گهربل دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي.
سي ٽي ڊي موجب، مارجي ويل دهشتگردن ۾ چار پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث ماسٽر مائينڊ شامل آهي.
دهشتگرد خالد 2023 ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس اهلڪارن تي ڪيترائي حملا ڪيا هئا.
سي ٽي ڊي موجب، دهشتگردن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف، 6 ميگزين ۽ 2 دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن.
سي ٽي ڊي ترجمان چيو ته دهشتگردن جا ڪجهه ساٿي فرار ٿي ويا آهن، سندن ڳولا جاري آهي……….
