- Advertisement -
بنگلاديش ۾ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد کي هٽائڻ وارن شاگرد مظاهرين بنگلاديش ۾ پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ تي غور شروع ڪري ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب بنگلاديشي شاگردن عوامي ليگ ۽ بي اين پي طرفان فوري چونڊن جي مطالبي کي رد ڪندي اصلاحات کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي سياسي جماعت بڻائڻ تي صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
شاگرد اڳواڻ محفوظ عالم چيو آهي ته اهو هڪ سياسي پارٽي ٺاهڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن ڇوته عوام ٻنهي سياسي پارٽين مان ٿڪجي پيو آهي ۽ ان کي اسان مٿان اعتماد آهي.
رائٽرز سان ڳالهائيندي محفوظ عالم وڌيڪ چيو ته ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان اڳ اهو شهرين کان وڏي پيماني تي صلاح مشورا ڪرڻ چاهي ٿو.
حسينا واجد خلاف تحريڪ ۾ اڳڀرو رهندڙ هڪ ٻئي شاگرد اڳواڻ تهميد چوڌري چيو ته هنن وٽ سياسي پارٽي ٺاهڻ جو هڪ موقعو آهي جنهن جون پاڙون سيڪيولر ازم ۽ اظهار جي آزادي تي مشتمل هونديون.
وقتي حڪومت ۾ شامل ناهيد اسلام چيو ته حڪومت عوامي ليگ ۽ بي اين پي طرفان خزان جي موسم ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جي مطالبن تي غور نه ڪري رهي آهي…..- Advertisement -
