تازه ترين

بنگلاديشي شاگردن جي الميٽيم کانپوءِ صدر شهاب الدين پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي، خالده ضياءَ به جيل مان آزاد

- Advertisement -
بنگلاديشي شاگردن جي الميٽيم کانپوءِ صدر شهاب الدين پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي، اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ کي به جيل مان آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته نوبل انعام يافته ڊاڪٽر يونس عبوري حڪومت جو صلاحڪار ٿيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ ۽ ملڪ مان فرار ٿيڻ بعد احتجاج ڪندڙ شاگرد تحريڪ ملڪ ۾ فوجي حڪومت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي پنهنجون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون هيون ۽ پارليامينٽ منجهند 3 وڳي تائين ٽوڙڻ جو الٽيميٽم ڏنو هو. شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ ناهيد اسلام، آصف محمود ۽ ابوبڪر مازوم دار وڊيو پيغام ذريعي عبوري حڪومت جو خاڪو جاري ڪندي مطالبو ڪيو ته نوبل انعام يافته ڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهيءَ ۾ عبوري حڪومت قائم ڪئي وڃي. شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ ناهيد اسلام چيو ته شاگرد پهريان ئي ڊاڪٽر يونس سان ڳالهيون ڪري چڪا آهن ۽ هن عبوري حڪومت ۾ ڪردار تي  راضپو ظاهر ڪيو آهي، ٻيا نالا به ڏنا ويندا. شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ ناهيد اسلام چيو ته بنگلاديش جي عبوري حڪومت ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ قائم ڪئي ويندي. بنگلاديش جي صدر شهاب الدين، آرمي چيف سميت فوجي قيادت سان ملختلف ملاقاتن بعد شاگردن جي ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ ئي پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي. اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ کي به جيل مان آزاد ڪيو ويو. روڊن تي موجود شاگردن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي. شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن، صدر جي قدم کي ساراهيندي مطالبو ڪيو ته عبوري حڪومت لاءِ نوبل انعام يافته ڊاڪٽر محمد يونس کي چيف ايڊوائزر مقرر ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
46 %
3.6kmh
71 %
اربع
24 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون