تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بعد بنگلاديش جي آرمي چيف جنرل وقار الزمان عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بعد بنگلاديش جي آرمي چيف جنرل وقار الزمان عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.

بنگلاديش ۾ پرتشدد احتجاج بعد وزيراعظم شيخ حسينه واجد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت رواني ٿي وئي.

برطانوي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد کي آرمي چيف 45 منٽن جي ڊيڊ لائن ڏني هئي، جنهن شيخ حسينه واجد ۽ سندس ڀيڻ سرڪاري رهائشگاهه کان فوجي هيليڪاپٽر ۾ ڀارت هلي وئي، حسينه واجد تقرير رڪارڊ ڪرائڻ چاهي پئي پر کيس ائين ڪرڻ جو موقعو نه مليو.

احتجاج ڪندڙن شيخ حسينه واجد جي رهائشگاهه تي ڪاهه ڪئي، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ روڊن تي پوليس ۽ فوج جي وڏي نفري موجود آهي.

شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بعد  ڍاڪا ۾ روڊ احتجاج ڪندڙ جشن ملهائي رهيا آهن، هزارين ماڻهو  روڊن تي نڪري آيا.

ڀارتي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد ڀارتي  شهر اگرتله پهتي آهي ۽ ڀارت کيس محفوظ رستو فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بعد بنگلاديشي آرمي چيف جنرل وقار الزمان عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.

قوم کي خطاب ڪندي جنرل وقار الزمان چيو ته  شيخ حسينه استعيفيٰ ڏني آهي، هاڻي عبوري حڪومت ملڪ هلائيندي هو بنگلاديش ۾ امن واپس آڻيندا.

هن چيو ته عبوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، صدر سان ملاقات ڪري عبوري حڪومت تي هو ڳالهائيندو.

بنگلاديشي آرمي چيف چيو ته فوج سان ڳالهين ۾ اهم سياسي پارٽيون شرڪت ڪنديون، عبوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ عوام ليگ کانسواءِ سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿينديون.

جنرل وقار الزمان چيو ته عوام  پرتشدد قدمن کان پري رهن ۽ فوج  تي  اعتماد رکن، ملڪ ۾ ڪرفيو يا ايمرجنسي جي ڪا ضرورت ناهي، شاگرد پرامن رهي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس هليا وڃن، مظاهرن دوران ماڻهو مارجڻ جي جاچ ڪئي ويندي.

بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم مخالف شاگردن طرفان سول نافرمانيءَ جي تحريڪ جي اعلان بعد پرتشدد مظاهرن ۾ 300 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا،  مقامي ميڊيا موجب چڪرين ۾ 14 پوليس آفيسرن سميت 95 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جولاءِ ۾ شروع ٿيل شاگردن جو احتجاج بنيادي طور  تي سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف هو، پر جلد اهو حڪومت مخالف تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون