تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بعد بنگلاديش جي آرمي چيف جنرل وقار الزمان عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

- Advertisement -
بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بعد بنگلاديش جي آرمي چيف جنرل وقار الزمان عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. بنگلاديش ۾ پرتشدد احتجاج بعد وزيراعظم شيخ حسينه واجد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت رواني ٿي وئي. برطانوي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد کي آرمي چيف 45 منٽن جي ڊيڊ لائن ڏني هئي، جنهن شيخ حسينه واجد ۽ سندس ڀيڻ سرڪاري رهائشگاهه کان فوجي هيليڪاپٽر ۾ ڀارت هلي وئي، حسينه واجد تقرير رڪارڊ ڪرائڻ چاهي پئي پر کيس ائين ڪرڻ جو موقعو نه مليو. احتجاج ڪندڙن شيخ حسينه واجد جي رهائشگاهه تي ڪاهه ڪئي، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ روڊن تي پوليس ۽ فوج جي وڏي نفري موجود آهي. شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بعد  ڍاڪا ۾ روڊ احتجاج ڪندڙ جشن ملهائي رهيا آهن، هزارين ماڻهو  روڊن تي نڪري آيا. ڀارتي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد ڀارتي  شهر اگرتله پهتي آهي ۽ ڀارت کيس محفوظ رستو فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بعد بنگلاديشي آرمي چيف جنرل وقار الزمان عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. قوم کي خطاب ڪندي جنرل وقار الزمان چيو ته  شيخ حسينه استعيفيٰ ڏني آهي، هاڻي عبوري حڪومت ملڪ هلائيندي هو بنگلاديش ۾ امن واپس آڻيندا. هن چيو ته عبوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، صدر سان ملاقات ڪري عبوري حڪومت تي هو ڳالهائيندو. بنگلاديشي آرمي چيف چيو ته فوج سان ڳالهين ۾ اهم سياسي پارٽيون شرڪت ڪنديون، عبوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ عوام ليگ کانسواءِ سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿينديون. جنرل وقار الزمان چيو ته عوام  پرتشدد قدمن کان پري رهن ۽ فوج  تي  اعتماد رکن، ملڪ ۾ ڪرفيو يا ايمرجنسي جي ڪا ضرورت ناهي، شاگرد پرامن رهي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس هليا وڃن، مظاهرن دوران ماڻهو مارجڻ جي جاچ ڪئي ويندي. بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم مخالف شاگردن طرفان سول نافرمانيءَ جي تحريڪ جي اعلان بعد پرتشدد مظاهرن ۾ 300 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا،  مقامي ميڊيا موجب چڪرين ۾ 14 پوليس آفيسرن سميت 95 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جولاءِ ۾ شروع ٿيل شاگردن جو احتجاج بنيادي طور  تي سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف هو، پر جلد اهو حڪومت مخالف تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
22 %
1.9kmh
89 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون