- Advertisement -
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.
خالده ضياءَ جگر جي عارضَي سميت ڪيترن ئي بيمارين ۾ ورتل هئي ۽ ڳچ عرصي کان ڍاڪا جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي.
خالده ضياءَ بنگلاديش جي مشهور سياستدان هئي، جنهن 1991 کان 1996 ۽ پوءِ 2001 کان 2006 تائين ملڪ جي وزيراعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون.
هوءَ بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ بينظير ڀٽو کان پوءِ اسلامي دنيا جي ٻي عورت وزيراعظم هئي.
خالده ضياءَ اڳوڻي بنگلاديشي صدر ضياءُ الرحمان جي گهرواري هئي، سندس سياسي ڪيريئر دوران مٿس ڪرپشن جو الزام لڳايو ويو، کيس 2018 ۾ 5 سال جيل ۾ به گذارڻو پيو.
عوامي ليگ جي اڳواڻ شيخ حسينه واجد سان سندس ڊگهي سياسي دشمني پڻ رهي، شيخ حسينه واجد کي آخرڪار گذريل سال حڪومت ڇڏڻي پئي.
ياد رهي ته خالده ضياءَ جو پٽ ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جو وقتي چيئرمين طارق رحمان 17 ورهين جي جلاوطني ختم ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ واپس آيو……
- Advertisement -
