تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

بنگلاديش جي تاريخي ڪاميابي، پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ فارميٽ ۾ ڪلين سوئپ ڪري ورتو

راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز 2-0 تان کٽي ورتي.
بنگلاديش گذريل هفتي پهرين ٽيسٽ 10 وڪيٽن تان کٽي هئي جنهن ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 6 وڪيٽن تي 448 رنسن تي اسڪور ڪرڻ کانپوءِ ڊڪليئر ڪئي هئي.
اڄوڪي سيريز ۾ ڪاميابي بنگلاديش جي پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ٽين ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي آهي ۽ پاڪستان خلاف پهرين ..!
بنگلاديش جا سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار ڪرڪيٽر ، مشفيق الرحيم ۽ شڪيب الحسن ڪريز تي موجود هئا جنهن وقت انهن پاڪستان خلاف سيريز وائيٽ واش ڪري تاريخ رقم ڪئي،
پهرين ٽيسٽ ۾ به ٻنهي سينيئر ڪرڪيٽرن ڀرپور ملهايو هو، مشفيق 191 رنسون ٺاهي بنگلاديش کي پهرين اننگز ۾ 565 رنسن تائين پهچايو هو، جڏهن ته شڪيب 44 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون وٺي پاڪستان کي 146 رنسن تي آئوٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
8 فيبروري 2021 تي پاڪستان آخري ڀيرو هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ ميچ کٽي هئي، جڏهن ڏکڻ آفريڪا خلاف 95 رنسن جي تان ڪاميابي ماڻي هئي، هوم گرائونڊ ۾ ٿيل آخري 10 ٽيسٽ ميچن مان اها پاڪستان کي ڇهين شڪست ٿي آهي
شان مسعود جي ڪپتاني ۾پاڪستان کي مسلسل پنجن ميچن ۾ شڪست ٿي آهي، جڏهن ته اها پاڪستان جي ريڊ بال هيڊ ڪوچ جي حيثيت سان جيسن گلسپي لاءِ به هڪ نه وسرندڙ شروعات هئي
بنگلاديش خلاف وائيٽ واش ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جو آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ جون اميدون به ختم ڪري ڇڏيون آهن.
لٽن داس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو جنهن پهرين اننگز ۾ 138 رنسون ان وقت اسڪور ڪيون جنهن وقت بنگلاديش جا 6 رانديگر صرف 26 رنسن تي آئوٽ ٿي چڪا هئا
مهدي حسن ميراز کي سيريز ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.1 ° C
7.1 °
7.1 °
24 %
0.8kmh
0 %
خميس
6 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون