بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم تحت ڀرتين کان روڪيندي هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي غير قانوني قرار ڏيندي ڪوٽا تحت ڀرتين کان روڪي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل درآمد ڪرڻ کان روڪيو آهي، جڏهن ته ڪوٽا سسٽم کي مڪمل طور تي ختم ناهي ڪيو.
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته 5 سيڪڙو نوڪريون آزادي واري جنگ جي اڳوڻن فوجين جي ٻارن لاءِ، 2 سيڪڙو نوڪريون ٻين ڪيٽيگريز لاءِ هونديون، باقي 93 سيڪڙو نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون وڃن.
ياد رهي گذريل مهيني هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم کي بحال ڪيوهو، جنهن خلاف احتجاج دوران وڳوڙن ۾ 133 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن، مظاهرين کي روڪڻ لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن به ڪرفيو لاڳو آهي.