تازه ترين

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي

- Advertisement -
بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي. رات دير سان بنگلاديش جي ٽيم لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپوٽ جتان سخت سڪيورٽي ۾ ٽيم کي خانگي هوٽل پهچايو ويو. شيڊيول موجب، مهمان ٽيم اڄ آرام ڪندي، سڀاڻي 14 آگسٽ تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پهريون ٽريننگ سيشن ڪندي. ٽن ڏينهن جي ٽريننگ کانپوءِ 17 آگسٽ تي بنگالي ٽيم اسلام آباد رواني ٿيندي، مهمان ٽيم پنهنجي دوري دوران ٻن ٽيسٽ ميچز جي ٽيسٽ سيريز کيڏندي. سيريز جي پهرين ٽيسٽ 21 آگسٽ کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 30 آگسٽ کان ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. بنگلاديش ٽيم ۾ عوامي ليگ جو ميمبر شڪيب الحسن به شامل هوندو، جيڪو شيخ حسينه جي حڪومت سان گڏ پارليامينٽ ميمبر طور ڪم ڪري رهيو هو. شڪيب الحسن بنگلاديش ۾ فسادن دوران ڪئناڊا ۾ ٽي 20 ليگ ۾ مصروف هو ۽ ڪينيڊا کان ئي پاڪستان پهچندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
46 %
2kmh
0 %
خميس
22 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون