تازه ترين

بنگلاديش پاڪستان جي دوري لاءِ تيار، پنجن بدران 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز تي راضپو

بنگلاديش پاڪستان جي دوري لاءِ تيار، پنجن بدران 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز تي راضپو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جي وچ ۾ دبئي ۾ ھلندڙ ڳالهيون ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي ويون، جنھن جي نتيجي ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي. دورو جولاءِ 2025 ۾ ٿيندو، جنهن دوران ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون، جيڪي سڀ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿينديون.
ذريعن موجب، ابتدائي ڳالهين دوران ٻنهي بورڊن جي وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي ڳالھ ٿي هئي، پر بعد ۾ لاجسٽڪ مسئلن، بزي شيڊيول ۽ بنگلاديش ٽيم جي ٻين مصروفيتن سبب سيريز کي ٽن ميچن تائين محدود ڪيو ويو. بي سي بي طرفان اهو موقف سامهون آيو ته سندن ٽيم کي اگسٽ جي شروعات ۾ ٻين بين الاقوامي ذميوارين لاءِ واپس وطن وڃڻو آهي، تنهن ڪري آرام ۽ تياريءَ لاءِ وقت گھرجي ان ڪري ٻئي بورڊ ٽن ميچن جي سيريز تي راضي ٿيا.
پي سي بي طرفان حتمي شيڊيول اڃا جاري نه ڪيو ويو آهي، پر امڪان آهي ته سيريز جولاءِ جي ٻئي يا ٽئين هفتي ۾ کيڏي ويندي، امڪاني تاريخون 14 جولاءِ کان 20 جولاءِ جي وچ ۾ ٿي سگهن ٿيون.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ صدر سان دبئي ۾ ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو
”ا خوش آهيون ته بنگلاديش جي ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، اها اسان جي مهمان نوازي ۽ ڪرڪيٽ دوست ماحول تي اعتماد جو ثبوت آهي. ٽن ميچن جي ميزباني لاءِ تيار آهيون، ۽ اميد آهي ته مستقبل ۾ وڌيڪ ڊگهي سيريز به ممڪن ٿيندي.“
ھن وڌيڪ چيو تـ لاهور ۾ ٽي ميچن لاءِ سيڪيورٽي پلان جلد جاري ڪيو ويندو، ۽ پي سي بي طرفان سڀئي ميچون شام جو رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيئن گرمي کان بچي سگھجي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون