تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بنگلاديش پاڪستان جي دوري لاءِ تيار، پنجن بدران 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز تي راضپو

- Advertisement -
بنگلاديش پاڪستان جي دوري لاءِ تيار، پنجن بدران 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز تي راضپو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جي وچ ۾ دبئي ۾ ھلندڙ ڳالهيون ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي ويون، جنھن جي نتيجي ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي. دورو جولاءِ 2025 ۾ ٿيندو، جنهن دوران ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون، جيڪي سڀ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿينديون. ذريعن موجب، ابتدائي ڳالهين دوران ٻنهي بورڊن جي وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي ڳالھ ٿي هئي، پر بعد ۾ لاجسٽڪ مسئلن، بزي شيڊيول ۽ بنگلاديش ٽيم جي ٻين مصروفيتن سبب سيريز کي ٽن ميچن تائين محدود ڪيو ويو. بي سي بي طرفان اهو موقف سامهون آيو ته سندن ٽيم کي اگسٽ جي شروعات ۾ ٻين بين الاقوامي ذميوارين لاءِ واپس وطن وڃڻو آهي، تنهن ڪري آرام ۽ تياريءَ لاءِ وقت گھرجي ان ڪري ٻئي بورڊ ٽن ميچن جي سيريز تي راضي ٿيا. پي سي بي طرفان حتمي شيڊيول اڃا جاري نه ڪيو ويو آهي، پر امڪان آهي ته سيريز جولاءِ جي ٻئي يا ٽئين هفتي ۾ کيڏي ويندي، امڪاني تاريخون 14 جولاءِ کان 20 جولاءِ جي وچ ۾ ٿي سگهن ٿيون. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ صدر سان دبئي ۾ ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ”ا خوش آهيون ته بنگلاديش جي ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، اها اسان جي مهمان نوازي ۽ ڪرڪيٽ دوست ماحول تي اعتماد جو ثبوت آهي. ٽن ميچن جي ميزباني لاءِ تيار آهيون، ۽ اميد آهي ته مستقبل ۾ وڌيڪ ڊگهي سيريز به ممڪن ٿيندي.“ ھن وڌيڪ چيو تـ لاهور ۾ ٽي ميچن لاءِ سيڪيورٽي پلان جلد جاري ڪيو ويندو، ۽ پي سي بي طرفان سڀئي ميچون شام جو رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيئن گرمي کان بچي سگھجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون