تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

بنگلاديش پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري تاريخ لکي ڇڏي

بنگلاديش پاڪستان کي راولپنڊي ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري تاريخ لکي ڇڏي.

بنگلاديش سيريز ۾ 0-2 تان ڪلين سوئيپ ڪيو، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو پنهنجي هوم سيريز ۾ وائيٽ واش کي منهن ڏنو.

بنگلاديش ٻئي ميچون آسانيءَ سان کٽيون، ٻي ٽيسٽ ۾ 185 رنسن جي هدف پٺيان مهمان ٽيم چار وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو.

برسات ۽ خراب روشني سبب چوٿين ڏينهن جي راند جلد ختم ڪئي وئي هئي ۽ اڄ مهمان ٽيم پنهنجي اننگز 42 رنسن تان اڳتي وڌائي.

ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن برسات سبب راند نه ٿي سگهي هئي ۽ ٽاس به نه ٿي سگهي هئي. ٻئي ڏينهن پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي 274 رنسون ٺاهيو جنهن جي جواب ۾ مهمان ٽيم 262 رنسون ٺاهي 12 رنسن جي خساري ۾ وئي.

پاڪستان ٽيم 12 رنسن جي برتري سان پنهنجي ٻي اننگز اڳتي وڌائي ۽ 172 رنسن تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي اهڙي طرح بنگلاديش کي ڪاميابي لاءِ 185 رنسن جو هدف مليو.

بنگلاديش جي ٽيم 185 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، لٽن داس کي پليئر آف دي ميچ ۽ مهدي حسن مراز کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون