- Advertisement -
بنگلاديش ۾ شاگردن جي مظاهرن دوران ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي ۽ چڪرين ۾ مارجي ويلن جو انگ هڪ سئو کان وڌي ويو، جڏهن ته حڪومت احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري فوج کي طلب ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جي مظاهرن دوران ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي.
پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ هڪ سئو کان وڌي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بنگلاديش ۾ حڪومت احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري فوج کي طلب ڪري ورتو.
بنگلاديشي وزيراعظم حسينه واجد جي آفيس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ ۽ فوج طلب ڪرڻ جو فيصلو سول انتظاميا جي مدد لاءِ ڪيو ويو آهي.
شاگردن جو موقف آهي ته سرڪاري نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون وڃن ۽ رڳو اقليتن ۽ معذورن لاءِ رکيل 6 سيڪڙو ڪوٽا کي برقرار رکيو وڃي.
ڪوٽا سسٽم ۾ 30 سيڪڙو سرڪاري نوڪريون بنگلاديش جي 1971ع جي آزادي واري جنگ ۾ وڙهندڙن جي خاندانن لاءِ مخصوص آهن، جڏهن ته شاگرد نظام ۾ سڌارن ۽ اعليٰ سرڪاري نوڪرين جي وڌيڪ منصفاڻي ورڇ جو مطالبو ڪري رهيا آهن……….- Advertisement -
