بنگلاديش ۾ شاگردن جي سول نافرماني تحريڪ جي ٻئي ڏينهن وڳوڙن ۾ 59 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، حڪومت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ٻيهر ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو، انٽرنيٽ سروس معطل ۽ مظاهرو ڪندڙن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو.
بنگلاديش ۾ شاگرد پنهنجي مطالبن جي مڃتا جي عدم منظوري تي هڪ ڀيڙو ٻيهر روڊن تي نڪري آيا ۽ وزيراعظم شيخ حسينا واجد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي ملڪ ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي.
هزارين شاگرد روڊن تي حڪومت خلاف مظاهرا ڪري رهيا آهن.
بنگلاديشي ميڊيا موجب، اڄ ٿيل مظاهرن ۾ پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪرين دوران هن وقت تائين 59 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
بنگلاديشي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حڪومت شام 6 وڳي بعد اڻڄاتل مدي لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته احتجاجي مظاهرن کي نظر ۾ رکندي انٽرنيٽ سروس به بند ڪئي وئي آهي، حڪومت ملڪ ۾ سومر کان اربع تائين عام موڪل جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جو چوڻ آهي ته مظاهرا ڪندڙ شاگرد نه پر دهشتگرد آهن، امن امان خراب ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو.
بنگلاديشي آرمي چيف جو چوڻ آهي ته بنگلاديشي فوج پنهنجي عوام سان گڏ آهي ۽ هميشه رهندي.