- Advertisement -
چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ تيز برساتن سبب 30 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي روڊ تباهه ٿي ويا آهن.
چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب بيجنگ سميت اتر چين جي مختلف حصن ۾ تيز برساتون پيون.
سومر جي رات تائين، بيجنگ ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ 30 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.
شهر جي اتر اوڀر واري ميون ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون.
رپورٽ موجب، برساتن سبب ڪيترائي رستا تباهه ٿي ويا، جڏهن ته 130 کان وڌيڪ ڳوٺ بجلي کان محروم ٿي ويا.
چيني اختيارين عوام کي اپيل ڪئي ته موسمي خبرن ۽ وارننگز تي ڌيان ڏين ۽ غير ضروري طور تي خطرناڪ علائقن ڏانهن سفر نه ڪن.
چيني صدر شي جن پنگ اختيارين کي هدايت ڪئي ته تيز برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بدترين صورتحال جي اڳواٽ رٿابندي ڪن ۽ رهواسين جي فوري طور منتقلي کي يقيني بڻائين- Advertisement -
