تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بيجنگ ۾ شرجيل انعام ميمڻ، چيني اي وي بس مينوفيڪچرز سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
بيجنگ ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، چيني اي وي بس مينوفيڪچرز سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ڇڏي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪمپني کي باضابطه طور ڪراچيءَ ۾ اي وي بس جو مينو فيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ قائم ڪرڻ دعوت ڏني. ملاقات ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه به شريڪ هو. سنڌ سرڪار طرفان گرين انرجي ۽ اليڪٽرڪ موبلٽي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار سيڙپڪارن کي ٽيڪس ۾ رعايت، زمين جي فراهمي ۽ ريگوليٽري منظوري جي عمل کي آسان بڻائڻ سميٿ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته سنڌ سرڪار پبلڪ ٽرانسپورٽ کي جديد ڪرڻ سان گڏ ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچيءَ ۾ اي وي بس پلانٽ لڳائڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا،  هڪ صاف ۽ هاڪاري ٽرانسپورٽ نظام طرف منتقلي به تيز ٿي ويندي. چيني ڪمپني جي نمائندن سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي دعوت جي آجيان ڪندي ڪراچي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. چيني سيڙپڪارن خاطري ڪرائيندي چيو ته جلد ئي هڪ فزيبلٽي اسٽڊي ڪئي ويندي ته جيئن منصوبي جي معاشي ۽ ٽيڪنيڪل حيثيت جو اندازو لڳائي سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون