بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ۽ وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفن ۽ ادائگين ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ بينظير سوشل پروٽيڪشن اڪائونٽ جي شروعات ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته بينظير سوشل پروٽيڪشن اڪائونٽ جو مقصد ضرورتمند عورتن کي ادائيگي جو اثرائتو نظام فراهم ڪرڻ آهي، جيڪڏهن عورتون ڪنهن بئنڪ جي خدمتن مان مطمئن ناهن ته ٻي بئنڪ پنهنجو اڪائونٽ کولي سگهن ٿيون.
هن چيو ته حڪومت هڪ سال پنجن مهينن ۾ بي آءِ ايس پي جي بجيٽ ۾ 72 سيڪڙو اضافو ڪيو، هاڻي پروگرام جي بجيٽ 471 ڏهائي 68 ارب ٿي وئي آهي.
شازيا مري چيو ته ضرورتمند عورتن جو انگ 72 لکن کان وڌي 90 لک ٿي ويو آهي، ٽه ماهي وظيفو 7 هزار مان وڌائي 8 هزار 750 رپيا ڪيو ويو ويو آهي.
وفاقي وزير چيو ته بينظير تعليمي وظيفي ۾ 70 لک 52 هزار کان وڌيڪ ٻار رجسٽر ٿي چڪا آهن، بينظير نشو نما پروگرام ۾ واڌ ڪري پندرهن ضلعن کان سڄي ملڪ ۾ پکيڙيو ويو آهي.
شازيا مري چيو ته بينظير نشو نما بجيٽ ۾ 285 سيڪڙو اضافو ڪري ضرورتمندن جو انگ 8 لک 50 هزار ڪيو ويو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کدڙن فقيرن جي تڪليفن کي سامهون رکندي کين بينظير ڪفالت ۾ شامل ڪيو ويو.
وفاقي وزير چيو ته 28 لک ٻوڏ متاثرن ۾ 25 هزار في خاندان جي حساب سان 70 ارب رپيا ورهايا ويا، بينظير انڊر گريجوئيٽ حاصل ڪندڙ شاگردن جو انگ 82 هزار کان وڌائي 92 هزار 3 ڪيو ويو آهي، نئين مالي سال ۾ بينظير ڪفالت ۾ 3 لک خاندانن کي شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي