لاڙڪاڻي ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ھاسٽل ۾ سھولتن جي کوٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميه جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ان موقعي تي شاگردن ڏاڏو اسامه نظير، پير عبدالباقي، طفيل سومري، فياض کوسي، نجف علي ڀيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميه طرفان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻين کي هاسٽل الاٽمينٽ نٿي ڏني وڃي.
هنن چيو ته گرلس هاسٽل روڊ تي اسٽريٽ لائيٽ سميت سيڪيورٽي جا به ڪي خاص انتظام ناهن، هاسٽل توڙي ميسز تي کاڌ خوراڪ جو سامان مهانگائي اگهه تي وڪرو ڪيو وڃي، اهڙن مسئلن بابت گرلس هاسٽل جي پرووسٽ فريده کي شڪايتون ڪيون ويون آهن پر ان باوجود بنيادي مسئلا حل ٿي نه سگهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن چيو ته مسئلا حل ڪرڻ بدران هاسٽل الاٽمينٽ جي نالي تي شاگردياڻين کي هيسائي مختلف طريقن سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽارچر ڏئي گرلس هاسٽل جي پرووسٽ فريده طرفان ايف آءِ آر ۽ داخلا رد ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته يونيورسٽي ۾ ڪرپشن جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…