تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بِشام ۾ چيني انجنيئرن جي قافلي تي آپگهاتي حملي بابت جاچ ڪميٽيءَ جي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف

- Advertisement -
بِشام ۾ چيني انجنيئرن جي قافلي تي آپگهاتي حملي بابت جاچ ڪميٽيءَ جي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف ٿيا آهن. جاچ ڪميٽي جي رپورٽ موجب پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي جي رپورٽ به ملي چڪي آهي، جنهن موجب چيني انجنيئرن جي گاڏي بلٽ پروف هئي پر بم پروف نه هئي، جڏهن ته سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه جي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته چيني انجنيئرن جي گاڏي بلٽ پروف نه هئي. رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته قافلي جي چُر پُر جو اطلاع روانگي کان هڪ ڏينهن اڳ 25 مارچ تي روايتي ميل ذريعي ڏنو ويو هو، جيڪا ست ڏينهن پهريان ڏيڻي هئي. رپورٽ موجب اهڙي ريت ڊائريڪٽر سڪيورٽي داسو هائيڊرو پاور پروجيڪٽ صرف ڊي پي او اپرڪوهستان کي ڏنو هو، نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽرويز پوليس ۽ ٻين ڊي پي اوز کي اطلاع نه ڏنو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڊي پي او اپرڪوهستان کي 24 مارچ تي واٽس ايپ تي قافلي بابت معلومات ملي پر هن ڪمانڊنٽ اسپيشل سڪيورٽي يونٽ کي آگاهه نه ڪيو ۽ هُن صرف ڊي پي او لوئر ڪوهستان کي آگاهه ڪيو ٻين کي اطلاع نه ڏنو. رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڊي پي او اپر ڪوهستان فارن نيشنلز سڪيورٽي ڊيش بورڊ کان واقف نه هو، اهڙي طرح پرڏيهين جي سڪيورٽي اسپيشل سڪيورٽي يونٽ ليڊ ڪندو آهي جيڪو واپڊا پنهنجي سڪيورٽي گارڊن، ايف سي ۽ گلگت اسڪائوٽس ذريعي ڏني هئي. رپورٽ موجب پروجيڪٽ جي لاڳت جو هڪ سيڪڙو سڪيورٽي لاءِ رکڻو هوندو آهي پر واپڊا سڪيورٽي لاءِ اسپيشل سڪيورٽي يونٽ سان معاهدو نه ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي لاءِ رقم رکڻ جي معاملي سان واپڊا ۽ ايس ايس يو وچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي اهڙو ماحول پيدا ٿيو پر ڪمانڊنٽ ايس ايس يو جاچ ڪميٽي آڏو ذميواري تسليم ناهي ڪئي. جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڊائريڪٽر سڪيورٽي داسو هائيڊرو پروجيڪٽ ۽ ڪمانڊنٽ اسپشل سڪيورٽي يونٽ سڪيورٽي ليپس جا ذميوار آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
19 %
1.8kmh
100 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
18 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °

تازه ترين خبرون