تازه ترين

بِشام ۾ چيني انجنيئرن جي قافلي تي آپگهاتي حملي بابت جاچ ڪميٽيءَ جي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف

بِشام ۾ چيني انجنيئرن جي قافلي تي آپگهاتي حملي بابت جاچ ڪميٽيءَ جي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف ٿيا آهن.

جاچ ڪميٽي جي رپورٽ موجب پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي جي رپورٽ به ملي چڪي آهي، جنهن موجب چيني انجنيئرن جي گاڏي بلٽ پروف هئي پر بم پروف نه هئي، جڏهن ته سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه جي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته چيني انجنيئرن جي گاڏي بلٽ پروف نه هئي.

رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته قافلي جي چُر پُر جو اطلاع روانگي کان هڪ ڏينهن اڳ 25 مارچ تي روايتي ميل ذريعي ڏنو ويو هو، جيڪا ست ڏينهن پهريان ڏيڻي هئي.

رپورٽ موجب اهڙي ريت ڊائريڪٽر سڪيورٽي داسو هائيڊرو پاور پروجيڪٽ صرف ڊي پي او اپرڪوهستان کي ڏنو هو، نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽرويز پوليس ۽ ٻين ڊي پي اوز کي اطلاع نه ڏنو ويو.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڊي پي او اپرڪوهستان کي 24 مارچ تي واٽس ايپ تي قافلي بابت معلومات ملي پر هن ڪمانڊنٽ اسپيشل سڪيورٽي يونٽ کي آگاهه نه ڪيو ۽ هُن صرف ڊي پي او لوئر ڪوهستان کي آگاهه ڪيو ٻين کي اطلاع نه ڏنو.

رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڊي پي او اپر ڪوهستان فارن نيشنلز سڪيورٽي ڊيش بورڊ کان واقف نه هو، اهڙي طرح پرڏيهين جي سڪيورٽي اسپيشل سڪيورٽي يونٽ ليڊ ڪندو آهي جيڪو واپڊا پنهنجي سڪيورٽي گارڊن، ايف سي ۽ گلگت اسڪائوٽس ذريعي ڏني هئي.

رپورٽ موجب پروجيڪٽ جي لاڳت جو هڪ سيڪڙو سڪيورٽي لاءِ رکڻو هوندو آهي پر واپڊا سڪيورٽي لاءِ اسپيشل سڪيورٽي يونٽ سان معاهدو نه ڪيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي لاءِ رقم رکڻ جي معاملي سان واپڊا ۽ ايس ايس يو وچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي اهڙو ماحول پيدا ٿيو پر ڪمانڊنٽ ايس ايس يو جاچ ڪميٽي آڏو ذميواري تسليم ناهي ڪئي.

جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڊائريڪٽر سڪيورٽي داسو هائيڊرو پروجيڪٽ ۽ ڪمانڊنٽ اسپشل سڪيورٽي يونٽ سڪيورٽي ليپس جا ذميوار آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
light rain
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
34 %
1.9kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون