بھرام ويجهو ڳوٺ گل محمد چچا ۾ پلاٽ جي تڪرار تان سھري بندوق جا فائر ڪري ناٺي کي قتل ڪري ڇڏيو.
جوابدار معشوق کوسو بندوق جا فائر ڪري 45 سالن جي ناٺي طارق کوسي کي قتل ڪري ڇڏيو.
وارثن جو چوڻ آهي ته طارق کي سندس سھري زمين کي پاڻي ڏيڻ کان روڪيو هو، جنهن تان ٻنهي وچ ۾ منهن ماري ٿي هئي، جنهن بعد جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي گھر ڀرسان طارق کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، هڪ ٻئي مٿان فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
پوليس پهچي ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، قتل ٿي ويل همراهه جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.