تازه ترين

تازن ڏينهن ۾ شهرين جا واٽس ايپ اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ ۾ اضافو ٿيو  آهي: ايف آءِ اي

- Advertisement -
ايف آءِ ايَ خبردار ڪيو آهي ته شهرين جي واٽس ايپ اڪائونٽن جي هيڪنگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ سائبر ڪرمنل خاص طور عورتن جي اڪائونٽن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ ايف آءِ اي چيو ته تازن ڏينهن ۾ شهرين جا واٽس ايپ اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ ۾ اضافو ٿيو  آهي. ايف آءِ اي ترجمان موجب شروعاتي رپورٽن موجب انهن واقعن ۾ سائبر ڏوهاري عورتن جي واٽس ايپ اڪائونٽن کي خاص طور نشانو بڻايو پيو وڃي. ترجمان چيو ته سائبر ڪرمنل عورتن جي واٽس ايپ اڪائونٽن تي پهچ حاصل ڪري سندن ذاتي ڄاڻ، چيٽ، تصويرون ۽ وڊيوز حاصل ڪري کين بليڪ ميل ڪن ٿا. سائبر ڪرمنل واٽس ايپ اڪائونٽن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ  مختلف جديد طريقا استعمال ڪري رهيا آهن، جن ۾ فشنگ ۽ سوشل انجنيئرنگ شامل آهن. ايف آءِ ايَ موجب واٽس ايپ سيٽنگز ۾ ٽو سٽيپ ويريفڪيشن کي فعال ڪريو، ٽو سٽيپ ويريفڪيشن هڪ اضافي حفاظتي ڪور فراهم ڪري ٿو، جيڪو اوهان جي اڪائونٽ کي ٻين جي پهچ کان بچائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. ترجمان موجب غير لاڳاپيل ۽ اڻ سڃاتل نمبرن تان موڪليل پيغام، فوٽو يا وڊيوز توڙي فائل کولڻ کان پاسو ڪيو وڃي، اهي پيغام اڪثر لنڪن يا فائلن تي ٻڌل هوندا آهن، جيڪي اوهان کي موبائل فون کي نقصان يا اڪائونٽ تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا. ايف آءِ ايَ موجب پنهنجي ذاتي ڄاڻ تائين پهچ محدود ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ پرائيويسي سيٽنگز جو جائزو وٺي ان کي اپ ڊيٽ ڪريو، جيڪڏهن اوهان جو واٽس ايپ اڪائونٽ هيڪ ٿي وڃي ته طوري طور ون ڊبل نائن ون تي رابطو ڪريو يا ويجهي ايف آءِ ايَ سرڪل جي وزٽ ڪئي وڃي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون