- Advertisement -
تجل ويجهو زمين جي مالڪيءَ تان سهتا ۽ ڌاريجا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
مثالي وارعي علائقي ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب يوسي چيئرمين سميت ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ جانب، سرور، امير علي، اصغر، مصطفيٰ ۽ ٻيا شامل آهن.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
سهتا برادري جي ماڻھن جو چوڻ ھو ته زمينون سندن جو آهن، ڌاريجا برادريءَ جي ماڻهن زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ حملو ڪري سندن ماڻهن کي زخمي ڪيو.- Advertisement -
