بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف باني کي اقتدار ۾ آڻڻ وارن ۾ فيض حميد سر فهرست هو، هنن ٻنهي جي پارٽنر شپ 9 مئي تي به هئي ۽ بعد ۾ به هلندي رهي، شاهدين مان ظاهر ٿيو ته ڪهڙي طرح 2018ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني جي اقتدار واري دور ۾ ڪيترن ئي سويلين جو ملٽري ٽرائل ٿيو، تحريڪ انصاف باني جي ملٽري ٽرائل بابت قانون فيصلو ڪندو، فيض حميد کي بچائڻ لاءِ پي ٽي آءِ باني سول نافرماني جي ڪال ڏني، فيض حميد جو رڳو ڪورٽ مارشل ئي نه پر سزا به ملندي.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڊي چوڪ ۾ 12 ماڻهن جي مارجڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي پر رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي ڳالهه نٿي ڪئي وڃي، صوبائيت جو ڪارڊ کيڏي رهيا آهن، هي آخري ڪارڊ آهي.
سندس چوڻ هو ته سول نافرماني جي تحريڪ شروع به نه ٿيندي، جنهن جا ٻار پاڪستان ۾ آهن اهي پيسا ڇو نه اماڻيندا.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته تحريڪ انصاف باني کي اقتدار ۾ آڻڻ وارن ۾ فيض حميد سر فهرست هو، هنن ٻنهي جي پارٽنر شپ 9 مئي تي به هئي ۽ بعد ۾ به هلندي رهي.
هن چيو ته شاهدين مان ظاهر ٿيو ته ڪهڙي طرح 2018ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني جي اقتدار واري دور ۾ ڪيترن ئي سويلين جو ملٽري ٽرائل ٿيو، تحريڪ انصاف باني جي ملٽري ٽرائل بابت قانون فيصلو ڪندو، فيض حميد کي بچائڻ لاءِ پي ٽي آءِ باني سول نافرماني جي ڪال ڏني، فيض حميد جو رڳو ڪورٽ مارشل ئي نه پر سزا به ملندي……….