- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي جلسي جو نتيجو “کوٽيو جبل نڪتو ڪئو” وارو آهي.
جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ايندڙن کي ڪا به رنڊڪ نه هئي، کين جلسي جو وڏو انتظار هو، لاهور جا سمورا رستا کليل رهيا، اسلام آباد جيان لاهور وارو پي ٽي آءِ جو جلسو به ناڪام ٿي ويو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي ليڊر جي آزاديءَ لاءِ اين آر او چاهن ٿا، جيڪو کين نه ملندو، لاهور واري جلسي لاءِ وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون.
عطا تارڙ چيو ته لاهور واري جلسي لاءِ وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون، علي امين ڀڙڪيون هڻندو آهي، عوام ڏڦيڙ ۽ ورهائڻ واري سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي قافلن کي رستي ۾ ڪٿي به روڪيو نه ويو، جن ماڻهن کي ٽرانسپورٽ ڏني وئي، اهي به جلسي ۾ نه آيا، جلسي ۾ لطيف کوسا چيف جسٽس لاءِ جيڪو چيو ان جي هو مذمت ڪن ٿا.- Advertisement -
