تازه ترين

عمرڪوٽ ۾ جڙتو مقابلي ۾ ماريل  ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي

- Advertisement -
عمرڪوٽ ۾ جڙتو مقابلي ۾ ماريل  ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي. ڊاڪٽر شاهنواز جي والد جو چوڻ آهي ته سندس پٽ کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آھي. هن چيو ته پٽ جو لاش دفنائڻ نه ڏنو ويو، وڳوڙين لاش ٻاھر ڪڍي ساڙي ڇڏيو، ايس پي عمرڪوٽ ڪوڙ ٿو ڳالھائي، عدالتون ۽ بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺن. ڊاڪٽر شاهنواز جي امڙ جو چوڻ هو ته شاھنواز ڪنڀر سچو مسلمان ۽ نماز پڙھندڙ ھو، سندس پٽ کي بيگناھ ماريو ويو آهي. هن چيو ته شاھنواز کي قتل ڪندڙ ڪندڙ پوليس عملدارن سان گڏ ڳوٺ جي مولوي، وڳوڙين ۽ لاش ساڙيندڙن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شاهنواز جي گهرواري چيو ته سندس مڙس کي بيگناھ قتل ڪري سندس ٻچڙن کي يتيم ڪيو ويو. هن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز عاشق رسول ھو، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، پوليس انڪوائري کي نٿا مڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
26 %
3.7kmh
1 %
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون