تازه ترين

تحريڪ انصاف دهشتگردي جي هر صورت مذمت ڪري ٿي، حڪومت جيڪو به آپريشن ڪري ان بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي : پي ٽي آءِ اڳواڻن

پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته تحريڪ انصاف دهشتگردي جي هر صورت مذمت ڪري ٿي، حڪومت جيڪو به آپريشن ڪري ان بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.

اسلام آباد ۾ عمر ايوب ۽ اسد قيصر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ ڇاپي جي هو مذمت ڪن ٿا، پوليس سرچ وارنٽ نه ڏنو، رئوف حسن کي گرفتار ڪيو ويو، سندن ڏهن ڪارڪنن جي اڃا تائين خبر ناهي.

هن چيو ته ڀارتي آرمي چيف جي بيان جي هو مذمت ڪن ٿا، تحريڪ انصاف جو موقف آهي ته آپريشن کان اڳ بريفنگ ڏني وڃي.

بئريسٽر گوهر چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد سندن ايم اين ايز کي کنيو پيو وڃي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته سندن مرڪزي آفيس تي ڇاپو هنيو ويو، فارم 47 واري حڪومت کان سپريم ڪورٽ جو فيصلو هضم نه پيو ٿئي.

هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس سول حڪومت جي نااهليءَ خلاف هئي، حڪومت کي هوش مان ڪم وٺڻ گهرجي، اها پريس ڪانفرنس ڊي جي آءِ ايس پي آر نه پر عطا تارڙ کي ڪرڻ گهرجي ها.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته هائبرڊ نظام وڌيڪ نٿو هلي سگهي، ڇاپي جو حدف سندن ايم اين ايز هئا.

اسد قيصر چيو ته سندن ايم اين ايز کي ٽن قسمن جون آڇون ٿي رهيون آهن، پيسا، وزارت ۽ ٽيون کين چيو پيو وڃي ته يا ڪيس لاءِ تيار ٿيو.

هن چيو ته هو ملڪ ۾ استحڪام چاهن ٿا، سندن ليڊر خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
few clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
15 %
6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون