تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو، ڪروڙين ماڻهن ۽ جمهوري طاقتن لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن آهي، عدليه کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، فيصلي سان انصاف جو الم بلند ٿيو آهي، طاقتور ۽ جابر حق کسي سيٽون ٻين ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي، آئين جي شڪل خراب ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي.
سپريم ڪورٽ طرفان فيصلو ٻڌائڻ بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته هو چوندا رهيا، سندن حق تي ڌاڙو هنيو ويو جيڪو سپريم ڪورٽ واضح ڪري ڇڏيو، جيڪي ماڻهو تحريڪ انصاف کي ميسارڻ چاهن پيا، کين پيغام ملي ويو.
سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ تحريڪ انصاف جي ريزرو سيٽن تي حق ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلو ڏنو، اڄ 25 ڪروڙ ماڻهن، جمهوري طاقتن ۽ محب وطن پاڪستانين لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، هي فيصلو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته اڄ 13 مان 11 ججن پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي فوري طور عمل ڪري، هو اميد ڪن ٿا ته تحريڪ انصاف کي ريزرو سيٽون ڏنيون وينديون.
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شبلي فراز چيو ته هو عدالتن کي پيٽا پيش ڪن ٿا، فيصلي سان انصاف جو الم بلند ٿيو آهي.
هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي جمهوري ۽ سياسي تاريخ ۾ يادگار ڏينهن هوندو، کين اڃا به اڌ مينڊيٽ مليو آهي، جدوجهد ختم ناهي ٿي.
تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سينيٽر شبلي فراز چيو ته هو سپريم ڪورٽ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ چاهي ٿو، عدالت نامناسب حالتن ۾ انصاف جو الم بلند ڪيو.
ايڊووڪيٽ سلمان اڪرم راجا چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو سونهري ڏينهن آهي، اڄ آئين جي سوڀ ٿي آهي، هي تمام وڏو ڏينهن آهي، اڄ هنن هڪ قانوني جنگ کٽي آهي،سياسي جنگ اڃا باقي آهي.