مخالف ڌر اتحاد پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات ڪرائڻ تائين قومي سلامتيءَ جي پارلياماني ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن پي ٽي آءِ بانيءَ سان صلاح مشوري تائين قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي مک قيادت پارليامينٽ جو جوائنٽ سيشن گهرائڻ جو به مطالبو ڪيو.
اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کانسواءِ ڪنهن به گڏجاڻيءَ جي اهميت نه هوندي، هو ان غير وزيراعظم جي دعوت تي ڪيئن وڃن؟
هن چيو ته پارٽي اڳواڻن کي پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملڻ جي اجازت نه ٿي ملي، يا ته اعلان ڪيو وڃي ته پي ٽي آءِ باني خطرناڪ ماڻهو آهي، ساڻس ڪو به ملي نٿو سگهي.
علامه راجا ناصر عباس چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ جيڪي به فيصلا ٿيا عوام اهي قبول نه ڪندو.