- Advertisement -
صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت ڏين ۾ 2 يا 3 ڪلاڪ دير ٿي، ڪرسيون ۽ ڪنٽينر گھرجن ته هو پهچائي ڏين ٿا، پي ٽي آءِ چاهي ته جلسو هڪ ڏينهن اڳتي ڪري سگھي ٿي.
پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي بيان تي رد عمل ڏيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ قيادت کي آگاهه ڪيو هو ته کين باغ جناح ۾ جلسي جي اجازت آهي ۽ اتي ئي جلسو ڪري سگھن ٿا.
هن چيو ته روڊ تي جلسو ڪرڻ سٺو عمل ناهي، ان سان عوام کي تڪليف ايندي.
صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته باغ جناح وفاق جي حوالي آهي، ان لاءِ اجازت نامي جي ڪارروائي ۾ ٿوري دير ٿي………
- Advertisement -
